ڪمپيئر اسلم آزاد

ڪمپيئر اسلم آزاد

اسلم آزاد

اسلم آزاد: اسلم آزاد ولد سليمان ڪورائي بلوچ، 28 آگسٽ 1950ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم کان وٺي گريجوئيشن تائين حيدرآباد ۾ تعليم حاصل ڪئي. کيس ادب سان ننڍي هوندي کان ئي چاهه هو. اسلم آزاد جي اصل سڃاڻپ هڪ ڪمپيئر جي حيثيت سان رهي، هُو صحافي ۽ اديب به هو. هن پنھنجي صحافتي سفر جي شروعات آڪٽوبر 1967ع ۾ عبرت اخبار کان ڪئي ۽ چئن سالن کان پوءِ روزاني ’هلال پاڪستان‘ جو سينئر سب ايڊيٽر ٿيو. 1990ع تائين صحافت سان وابسته هئڻ سبب هن صحافت ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا. ڪاليج واري زماني (1969ع کان 1972ع تائين) هن ’اسٽوڊنٽس پبليڪيشن‘ جا 14 ڪتابڙا شايع ڪيا. اهو دور مارشل لا جو هو. پر اسلم آزاد قومي جوابداريءَ سان ’اسٽوڊنٽس پبليڪيشن‘ کي جاري رکيو. جنوري 1980ع ۾ هن ٽيليويزن جي اسٽيج جو سفر ”وينجهار“ پروگرام ۾ ڪمپيئر جي حيثيت سان شروع ڪيو. شروع ۾ ڪمپيئرنگ ظفر حسن ڪندو هو ۽ ان جي بيماريءَ کان پوءِ اسلم آزاد کي اهو موقعو مليو ۽ هو ٽيليويزن تي پنھنجي جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو. اسلم آزاد ريڊيي تان به ڪافي پروگرام براڊڪاسٽ ڪيا، جن ۾ ڊراما ۽ تقريرون شامل آهن. هن اٽڪل 15 ريڊيو ڊراما نشر ڪيا. اسلم آزاد ٻه ڀيرا لوڪ ميلن جي ڪمپيئرنگ ڪئي. 1985ع ۾ عام چونڊن جي پي. ٽي ويءَ تان سڌيءَ ريت نشر ٿيندڙ نتيجن واري پروگرام جي به ڪمپيئرنگ ڪيائين. هن پي. ٽي. ويءَ تي وينجهار، لطيفي لات، گهڙيال ۽ پرک پروگرامن ذريعي پاڻ مڃرايو، جنھن جي مڃتا طور پي ٽي ويءَ پاران کيس پروگرام ”لطيفي لات“ جي حوالي سان 1987ع جو پي ٽي وي اوارڊ ڏنو ويو. کيس سلور جوبلي پي ٽي ويءَ گولڊ ميڊل 1990ع به ڏنو ويو. ان کان سواءِ فني قدردانن پاران ڀٽائي اوارڊ ۽ ٻيا اوارڊ حاصل ڪيائين. سندس هڪ ڪتاب ”آزاد خيالي“ جي نالي سان ڇپيو. پاڻ سٺو شاعر به هو، سندس شاعري منظور سخيراڻي ۽ ٻين ڳائي آهي. 9 آڪٽوبر 2019ع تي، 69 سالن جي ڄمار ۾، حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.


لفظ اسلم آزادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.08.28  عيسوي

: اسلم آزاد 28 آگسٽ 1950ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو


2019.10.09  عيسوي

. اسلم آزاد 9 آڪٽوبر 2019ع تي 69 سالن جي ڄمار ۾ گذاري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڪامريڊ علي محمد جمالي
سنڌي ٻوليءَ جا ڪي اهم گرامر نويس ۽ محقق
ڀاڳ ڀان
راجا ڪنشڪ
چوڌري رحمت علي
ڪامل خان حاجي
چانگ ساجن
جهانگير بدر
روگزانه
پيرزادو حاجي محمد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون